فلاڊيلفيا ڪوريڊور تي فوجين کي برقرار رکڻ جي منظوري

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي ڪابينا فلاڊيلفيا ڪوريڊور تي فوج جي مسلسل موجودگي جي منظوري ڏئي ڇڏي.اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪابينا جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته اهو قدم حماس کي سمجهوتو ڪرڻ تي مجبور ڪندو ۽ جنگ بندي معاهدي جا امڪان وڌي ويندا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا جا 8 ميمبر ان قدم جي حمايت ۾ آهن، اسرائيلي بچاءَ واري وزير يوو گلانٽ مخالفت ڪئي جڏهن ته اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمر بين گوور ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.رپورٽ موجب اسرائيل فلاڊيلفيا ڪوريڊور تي فوج رکي جنگبندي لاءِ ڳالهين ۾ وڌيڪ مضبوط پوزيشن حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو