فلسطيني مزاحمت ڪارن جي حملن ۾ اسرائيلي فوجي ڪرنل مارجي ويو

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ فلسطيني مزاحمت ڪارن جي حملن ۾ اسرائيلي فوج جو ڪرنل مارجي ويو.اسرائيلي ميڊيا موجب، مارجي ويل ڪرنل احسان دقسا اسرائيلي فوج ۾ 401 آرمرڊ بريگيڊ جو سربراهه هو.اسرائيلي فوج جي شروعاتي جاچ موجب ڪرنل دقسا ڏکڻ غزه جي علائقي جباليه ۾ ٽينڪ جي ڌماڪيدار مادي جو نشانو بڻيو.اسرائيلي ميڊيا موجب، ڪرنل دقسا غزه ۾ مارجي ويل اعلى ترين اسرائيلي فوجي اهلڪارن مان هڪ آهي.واضح رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي هن وقت تائين 42 هزار 603 فلسطيني شهيد ۽ 99 هزار 795 زخمي ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو