فلسطين کي آزاد ڪريو، نوجوان ڪوهلي وٽ پهچي ويو

احمد آباد(ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ دوران هڪ نوجوان فلسطين کي آزاد ڪريو جي نعري واري شرٽ پائي ميدان ۾ اچي ويو ته ميچ روڪڻي پئجي وئي. نوجوان ڊوڙندو ويرات ڪوهلي وٽ پهچي ويو ۽ هن سان ڀاڪر پاتو. نوجوان جي گرائونڊ ۾ اچڻ بعد سيڪورٽي وارن کيس پڪڙي ورتو.


جڏهن کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته هن چيو ته سندس نالو جان آهي ۽ هو آسٽريليا جو شهري آهي. هن چيو ته مان ڪوهلي سان ملن ويس. جڏهن فلسطين واري شرٽ بابت کائنس پڇو ويو ته هن چيو ته مان فلسطين جي آزادي جو حامي آهيان. ياد رهي ته فائنل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ ڀارت جي پوري ٽيم 50 اوورن م 240 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو