ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان چيو آهي ته 2016ع ۾ پنجاب ۾ فلم دنگل جي شوٽنگ دوران مون کي نمستا جي طاقت جو احساس ٿيو.بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي عامر خان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر دوران پيش ايندڙ واقعن بابت ڳالهايو.عامر خان جو چوڻ هو ته هو جڏهن فلم ”رنگ دي بسنتي“ جي شوٽنگ لاءِ پنجاب ويو هو ته اتي جي ماڻهن طرفان کيس تمام گهڻو پيار مليو، هو محبتن سان ڀرپور آهن.بالي ووڊ اداڪار جو چوڻ آهي ته دنگل جي شوٽنگ پنجاب جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي، جتي صبح ٿيندي ئي ماڻهو پنهنجن گهرن ٻاهران هٿ ٻڌي سلام ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا ۽ رات جو گڊ نائيٽ چوندا هئا.هن چيو ته اتي جي ماڻهن مون کي ڪڏهن به تنگ نه ڪيو ۽ ڪڏهن به منهنجي ڪار جي سامهون نه بيٺا، پري کان ئي هٿ ملايو، مان انهن ماڻهن جي اهڙي عادت کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان.عامر خان چيو ته منهنجو تعلق هڪ مسلمان خاندان سان آهي ان ڪري هٿ ملائڻ ۽ نمستا چوڻ جي عادت نه هئي، مان هٿ مٿي کڻڻ ۽ سر جهڪائڻ جي عادت آهيان، جنهن طرح مسلمان هڪ ٻئي کي سلام ڪندا آهن.هن جو چوڻ آهي ته ”دنگل“ جي شوٽنگ دوران اڍائي مهينا پنجاب جي هن ڳوٺ ۾ رهڻ بعد مون کي نمستا جي طاقت جو احساس ٿيو.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم