ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ فوارا چوڪ جي ويجهو احتجاج تي حڪومت طرفان آرٽلري ميدان پوليس اسٽيشن ۾ مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،پوليس موجب، قلم 144 جي خلاف ورزي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،مقدمي موجب، 35 کان 40 مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ سميع دين بلوچ سميت 5 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو،ڪيس جي متن موجب گرفتاري دوران ڪيترائي مظاهرين رش جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
