اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد سوال اٿاريو آهي ته جڏهن فوج، پوليس ۽ ايجنسيون آهن ته پوءِ دهشتگردي ختم ڇو نٿي ٿئي؟ اهڙو سوال جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اٿاريو آهي.اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس مقرر وقت کان 1 ڪلاڪ 22 منٽ دير سان شروع ٿيو.اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته قبائلي علائقي ۾ آپگهاتي حملو ٿيو، هڪ اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو.سندس چوڻ آهي ته قبائلي علائقن ۾ ڀتا خوري ۽ دهشتگردي عروج تي پهچي چڪي آهي، قبائلي علائقن جي عوام کي امن ڏيو، هو وڌيڪ خون ڏسڻ نٿا چاهين.سينيٽر مشتاق اهو به چيو ته قبائلي عوام امن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، اسپيڪر کي ان معاملي تي حڪومت ڪرڻ گهرجي.اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي هدايت تي عبدالاڪبر چترالي ايوان ۾ شهيدن جي لاءِ دعا گهري.ان موقعي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته معزز ميمبر جو خدشو درست آهي، اميد آهي ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا ويندا.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار