فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب فوجي عدالت واري فيصلي جي مذمت ڪندي فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته سندس خلاف فيصل آباد ۽ حسن ابدال ۾ پنج موٽرسائيڪل چوري جا ڪيس داخل آهن، اپوزيشن ليڊر کي موٽرسائيڪلن جو چور بڻجي ويو! هن چيو ته عمران خان ۽ پارٽي قيادت سميت ٻين قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، جيستائين آئين ۽ قانون جي بالادستي نه ٿيندي ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو،سندس چوڻ هو ته ٻاهريان ماڻهو هتي سيڙپڪاري ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هتي استحڪام نه آهي. اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته ڊي چوڪ سانحي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، نوَ مئي واقعن جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظرِعام تي آندا وڃن. عمر ايوب چيو ته هو فوجي عدالتن جي فيصلي جي مذمت ڪري ٿو، ملٽري ڪورٽ ملٽري ڪورٽ ملٽري جا ڪورٽ آهن، فيصلي خلاف عدالت وينداسين. هن وڌيڪ چيو ته شفاف اليڪشن سندن مطالبوآهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي صاف شفاف چونڊون ڪرايون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو