فوج کي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڪارروائي جو اختيار، خط جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي پي ٽي آءِ احتجاج جي سڏ ڏنو آهي، ان حوالي سان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ان جي اوسي پاسي فوج جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو ويو،اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا فوج کي اختيارين جو خط جاري ڪري ڇڏيو.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته صورتحال ڇڪتاڻ جي صورت ۾ فوج کي ڪارروائي جا اختيار هوندا، مقامي ڪمانڊر وفاقي پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪندا،انتظاميا جو چوڻ آهي ته شرپسندن خلاف ڪارروائي ۽ گرفتاري جا اختيار ڏنا ويا، مظاهرين خلاف لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي اجازت هوندي، طاقت جو استعمال گهٽ ۾ گهٽ ڪيو ويندو،اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته فوج شرپسندن جي موجودگي يا خطري جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو