عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان پوليس هٿ ڪري ورتو

ٽنڊو محمد خان ( ن س)ٽنڊو محمد خان ڀرسان مبينا طور موبائيل فون ذريعي هرکجي 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان پوليس کي بيهوشي واري حالت ۾ پوليس کي هٿ ، واقعو معمو بڻيل ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي علائقي ڪپور موري جي فيڊفارم مان 4 ڏينهن اڳ پراسرار طور موبائيل فون ذريعي هرکجي فيڊ فارم مان ڊيوٽي تان واپسي دوران 25 سالن جو ملازم نوجوان حنيف هاليپوٽو مبينا طور تي اغوا ٿي ويو هو ، مائٽن پاران نوجوان جو موبائيل بند ٿيڻ تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي مائٽن پوليس کي اطلاع ڪيو هو ، 4 ڏينهن کان نوجوان جي ڳولا لاءِ مائٽن ۽ پوليس پاران ڪوششون ورتيون ويون پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون ، نيٺ آچر ڏينهن صبح جو حيدرآباد جي علائقي ڪيٽل ڪالوني ڀرسان بيهوشي واري حالت ۾ ماڻهن کي هٿ آيو ، جن پوليس کي اطلاع ڪيو ، جنهن بعد پوليس نوجوان کي سندس سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ کيس مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ، انهي حوالي سان ٽنڊو محمد خان تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او امتياز نظاماڻي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته 4 ڏينهن اڳ نوجوان حنيف هاليپوٽو جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سندس مائٽن رپورٽ درج ڪرائي هئي ، جنهن تحت اسان جي ڳولا جاري هئي ، اڄ نوجوان کي حيدرآباد تعلقي جي ڪيٽل ڪالوني ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو جتي علائقي جي مقامي ماڻهن نوجوان کان پڇاڳاڇا ڪئي ته هن ٻڌايو ته آئون ٽنڊو محمد خان ڀرسان مير جي کري جو رهواسي هاليپوٽو آهيان ، جنهن بعد مقامي ماڻهن سيري ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو جن اسان سان رابطو ڪري نوجوان اسان جي حوالي ڪيو ، جنهن بعد اسان نوجوان کي سندس مائٽن حوالي ڪيو ، مائٽن موجب نوجوان نيم بيهوش آهي، سڀاڻي ( اڄ ) مائٽن ٿاڻي تي اچڻ جو چيو آهي جنهن بعد نوجوان ڪيئن اغوا يا گم ٿيو ، ان بابت مڪمل حقيقت واضع ٿيندي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو