سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس محمد علي مظهر چيو ته قانون موجب فون ٽيپنگ جي اجازت رڳو جج ڏئي سگهي ٿو، ڇا ڪنهن جج کي ان مقصد لاءِ نوٽيس ڏنو ويو آهي؟جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فون ٽيپنگ بابت قانون مبهم آهي.جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان کي رپورٽ يا قانون سان دلچسپي ناهي، اسان نتيجا چاهيون ٿا.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مون کي جج جي نامزدگي جي خبر ناهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ان ڪيس سان ڪيترن ئي التوا وارن ڪيسن تي به اثر پوندو، هي معاملو چيف جسٽس جي چيمبر مان شروع ٿيو، چيف جسٽس ڪيڏانهن ويندو.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته قانون هر ڪنهن کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. اي او آر چيو ته ان ڪيس ۾ درخواستگذار سان رابطو ناهي ڪيو پيو وڃي، درخواستگذار جو وڪيل به گذريل سال فوت ٿي ويو هو.عدالت ڪيس جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو