فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي خوراڪ واري وزير ڄام خان شورو جي هدايت تي 12 ربيع الاول جي موقعي تي سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪيترائي قدم کنيا. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو جي نگراني ۾ سموري صوبي ۾ پڪوان سينٽرز، مٺائي جي دڪانن ۽ بيڪرين جو اوچتو معائنو ڪيو ويو. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيمن پاران سموري صوبي ۾ 466 پڪوان سينٽرز، مٺائي جي دڪانن ۽ بيڪريون چيڪ ڪيون. جن ۾ 166 کي سڌارن جا نوٽس ڏنا ويا ۽ 55 کي وڏين ڀڃڪڙين تي ڏنڊ وڌو ويو. اهي ڪاروايون ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، سانگهڙ سميت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪيون ويون. ڪيترين ئي بيڪرين ۽ پڪوان سينٽرز تي بين لڳايو ويو. چيني لوڻ، سڙيل سبزين ۽ خراب ٿيل تيل موقعي تي ضايع ڪرايو ويو. ان سان گڏوگڏ سمورن شهرن ۾ محفل ميلاد ۽ جلوسن ۾ مليل کاڌي پيتي جي شين جو پڻ معائنو ڪيو ويو. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو چيو آهي ته صفائي سٿرائي جي ضابطن تي عمل نه ڪرڻ تي بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.کاڌي پيتي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن کي ربيع الاول جي مقدس مهيني جي تقدس جو خاص خيال رکڻ گهرجي. مزمل حسين هاليپوٽو چيو ته صارفين تائين حفظان صحت موجب کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو