فيريئر حال مان پينٽنگز چوري ٿيڻ جون خبرون ڪوڙيون قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪي ايم سي جي سينيئر ڊائريڪٽر ڪلچر اينڊ اسپورٽس رضا عباس جو چوڻ آهي ته فريئر هال مان پينٽنگ جي چوري جي خبر ڪوڙي هئي.ڊائريڪٽر رضا عباس مصور صفي سومرو کي پينٽنگ ڏني.تقريب کي خطاب ڪندي رضا عباس چيو ته مصور صفي سومرو کي غلط فهمي هئي ته سندس پينٽنگ چوري ٿي وئي آهي. هن چيو ته اڄ کيس جيمي انجنيئر پاران ڪيش ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو، 2017 کان اسان سندس پيٽنگ محفوظ ڪئي هئي.تقريب دوران ڳالهائيندي فنڪار صفي سومرو چيو ته 2017ع ۾ جڏهن مون پيٽنگ ڏني ته مان نئون هئس.صفيه سومرو چيو ته نمائش کانپوءِ مون رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ويو ته پيٽنگ چوري ٿي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو