فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ موٽر وي ويجهو روڊ تي اجتماعي زيادتي جو هڪ خوفناڪ واقعو سامهون آيو آهي،پوليس موجب گينگ ريپ جو واقعو ٻه ڏينهن اڳ موٽر وي جي ويجهو ساندل بار ۾ پيش آيو، ۽ ٽن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عورت جي مڙس موجب، ڌاڙيلن اسان کي بندوق جي زور تي چنان جي ويجهو روڪيو، مون کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو، منهنجي زال سان زيادتي ڪئي ۽ منهنجا موبائل فون ۽ پئسا چوري ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب، عورت جو طبي معائنو ۽ جرم جي جاءِ جو جيو فارنسڪ معائنو ڪيو ويو آهي، ۽ ڇهن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي،پوليس موجب، ڪيس ۾ مدعي هڪ جوابدار جي سڃاڻپ به ڪئي آهي. مقتول جي مڙس علي شير نالي هڪ جوابدار کي نامزد ڪيو آهي،عورت جي مڙس موجب، جڏهن ٻن ڌاڙيلن فون ڪيو ته ساٿي علي شير آيو. علي شير پڻ اجتماعي زيادتي جي مجرمن ۾ شامل هو.
