فيصل سان شادي ڪرڻ کان اڳ طلاق ٿي، عدت ۾ رشتو آيو: ثنا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني سپر اسٽار فيصل قريشي جي ٽئين گهرواري ثنا فيصل انڪشاف ڪيو آهي ته هن فيصل قريشي سان ٻي شادي ڪئي آهي.ثنا فيصل تازو ئي فيصل قريشي جي پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور نظر آئي جنهن دوران فيصل پنهنجي زال ثنا کان پهرين ملاقات ۽ شادي بابت سوال ڪيو.جنهن جي جواب ۾ ثنا فيصل چيو ته منهنجي ۽ فيصل جي پهرين ملاقات ڪافي ڊرامائي هئي جنهن کي ڊرامو بڻائي سگهجي ٿو.ڳالهه ٻولهه دوران ثنا انڪشاف ڪيو ته هن فيصل سان شادي ڪرڻ کان اڳ طلاق ورتي هئي. عدت دوران فيصل ڪرشتو منهنجي لاءِ آيو ۽ پوءِ منهنجي چاچي مون کي ۽ گهر وارن کي فيصل جي رشتي لاءِ قائل ڪيو، اهو مون لاءِ ڏکيو وقت هو، مون کي ڪجهه ڪرڻ نه چاهيو،مون تي الزام لڳايو پيو وڃي ته مون فيصل قريشي سان شادي ڪرڻ لاءِ طلاق ورتي ۽ پوءِ مون سوچيو ته فيصل سان شادي ڪرڻ ئي انهن سڀني ڳالهين کان فرار آهي،شادي ڪيائين ۽ اهو فيصلو منهنجي لاءِ بهترين فيصلو ثابت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو