فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل، جنرل (ر) فيض حميد کي چارج شيٽ جاري

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد (ر) کي باضابطا چارج شيٽ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب 12 آگسٽ 2024 تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد (ر) خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته الزامن ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، رياست جي سلامتي ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارين ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن.ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد (ر) جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل دوران ملڪ ۾ افراتفري ۽ بدامني جي پرتشدد واقعن ۾ ملوث هجڻ بابت به الڳ الڳ جاچ جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هو تشدد ۽ بدامني جي ڪيترن ئي واقعن جي جاچ ڪري رهيا آهن، جن ۾ 9 مئي سان لاڳاپيل واقعا به شامل آهن.انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ مذموم سياسي عنصرن جي ملوث هجڻ جي به جاچ ڪئي پئي وڃي.فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد (ر) کي قانون موجب سمورا قانوني حق ڏنا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو