في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاور ڊويزن بجلي سهولت پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت بجلي جي في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف ڏنو ويندو. پاور ڊويزن موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ واڌو بجلي جي استعمال تي ٽيرف ۾ رليف ملندو، واڌو بجلي تي 26 رپيا 7 پئسا في يونٽ جو فليٽ ريٽ ڏنو ويندو. پيڪيج سياري جي ٽن مهينن لاءِ ڊسمبر کان فيبروري تائين هوندو، بجلي پيڪيج گهريلو، ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدارن تي لاڳو ٿيندو. پيڪيج ريفرنس بينچ مارڪ جي استعمال کان مٿي 25 سيڪڙو يونٽس تائين لاڳو ٿيندو، گهريلو واهپيدارن کي ٽيرف تي 26 رپين تائين في يونٽ رليف ملندو. ڪمرشل واهپيدارن کي 22 رپيا 71 پئسا تائين في يونٽ رليف ڏنو ويندو، صنعتي واهپيدارن کي 15 رپيا 5 پئسا في يونٽ تائين رليف ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو