ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مسلم دنيا جو عظيم اڳواڻ هو، سندس شهادت هڪ وڏو سانحو هو، قائدِ عوام جي ورسي ڀرپور انداز ۾ ملهائي ويندي.وڏي وزير جي صدارت هيٺ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي جي انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، اسيمبلي ميمبر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا. اجلاس دوران ڪمشنر لاڙڪاڻو طاهر سانگي وڏي وزير کي ورسي انتظامن بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام لاءِ ضروري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي، خاص طور تي پارڪنگ جو جوڳو انتظام هئڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي ڏکيائي پيش نه اچي. هن وڌيڪ چيو ته جلسي گاهه ۾ اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن کي الڳ رکيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ جام نه ٿئي، جڏهن ته پيئڻ جو پاڻي، واش رومز ۽ ٻيون سهولتون به بهتر بڻايون وڃن. وڏي وزير 4 اپريل تي ٿيندڙ ورسي جي سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو.
