قائد آباد ۾ پوليس ڪئمپ تي ڪريڪر حملو، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ پوليس ڪئمپ تي ڪريڪر حملو ٿيو آهي،ايس ايس پي ملير موجب قائد آباد ۾ پوليس ڪئمپ تي ڪريڪر حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.پوليس چيو آهي ته جوابدارن قائد آباد پل تان ڪريڪر اڇلايو. حملي ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو