قاضي احمد، گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل

قاضي احمد:(ن س) قاضي احمد لڳ ڳوٺ حسو کوسو ۾ رات ديرسان جوابدار مڙس رفيق کوسو مبينا ڇرين جا وار ڪري پنھنجي زال مسمات سومري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.اهڙي اطلاع تي پوليس پھچي عورت جو لاش ضروري ڪاروائي لاء تعلقا اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو.جتي قتل ٿيل عورت جي وارثن ڀاء معشوق کوسو،.نواب کوسو، سجاد کوسو ۽ ٻين اسپتال اندر احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته جوابدار رفيق کوسو ۽ ٻيا گھرو اڻبڻت تان مسمات سومري کي ڇرين جا وار ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.هنن چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود ناھن.سڄي رات انتظار ڪرايو ويو. پر اڃاتائين ڪو به ڊاڪٽر ناھي آيو.ھنن مطالبو ڪيو ته عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرائي. جوابدار رفيق کوسو ۽ ٻين کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو