اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هائيڪورٽ مقرري بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هي نظرثاني درخواست آهي، ڪيس کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل رياض حنيف چيو ته سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو ڪيس به چاليهه ورهين بعد ٻڌو. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هي فورم سياسي تقريرن ۽ نه بيڪ بائٽنگ جو آهي، قانون کان نٿا هٽي سگهن، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان ڪاوڙ ۾ ڇو اچي رهيا آهيو؟، عدالت جي ڳالهه ٻڌو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان ڪيس ٻيهر کولڻ چاهيون ٿا؟، جنهن تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل رياض حنيف چيو ته هو عدالت کي حقيقتون ٻڌائي رهيو آهي، سندس وٽ رڪارڊ ناهي پر بلوچستان مان گهرائي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو