قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جو شاهه لطيف ٽائون ۾ قبرستان جي 52 ايڪڙ زمين تي انڪروچمينٽ جي خلاف درخواست تي ملير جي ڊپٽي ڪمشنر کي انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شاهه لطيف جي يوسي ڇيئرمين خواجه محمد تنولي پاران درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست گذار وڪيل عثمان فاروق موقف ڏيندي ٻڌايوته علائقي ۾ هڪ ئي قبرستان آهي، علائقي ۾ آباد ڏيڍ لک جي آبادي متاثر ٿي رهي آهي، علائقي واسي سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن، عدالت ملير جي ڊپٽي ڪمشنر کي غير قانوني انڪروچمينٽ ختم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪ ڏيندي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو