قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 3 جوابدار باعزت بري

نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. نوشهروفيروز ٿاڻي تي 6 سال اڳ فريادي منظور علي ڪيس داخل ڪرايو هو ته جوابدار علي خان، غلام رسول، مرتضيٰ، پريل وسطڙو ۽ ارشاد ماڇي گڏجي گهر ۾ ڦر جي ارادي سان داخل ٿيا سجاڳ ٿيڻ تي مزاحمت دوران جوابدارن منهنجي ڀاءُ مقتول نور محمد کي سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل ارباب علي چانڊيو، ذوالفقار علي پنهور ۽ شڪيل احمد عباسي پنهنجا دليل ڏنا جنهن تي عدالت قتل جو اهڙو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٽن جوابدارن علي خان، غلام رسول ۽ مرتضيٰ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڪيس ۾ ڄاڻايل پريل وسطڙو جيڪو ڪجهه سال اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي ۽ ارشاد ماڇي ضمانت هجڻ باوجود هلندڙ ڪيس دوران ڀڄي روپوش ٿي ويو جنهن تي عدالت ارشاد ماڇي جي ضمانت پوندڙ عظيم راڄپر کي سرڪاري خزاني ۾ 3 لک رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ضمانت ۾ پيل زمين ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو