قتل جي ڏوهه ۾ 3 جوابدارن کي عمر قيد، 15 لک ڏنڊ جي سزا

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد ۽ مجموعي طور 15 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا  قيد ڪاٽيندا. واضح رهي ته شهدادڪوٽ ڀرسان 3 سال اڳ سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن فقير محمد بروهي ، لشڪري بروهي ، عبدالغفور بروهي پاڻي جي واري تان مقتول علي گوهر بروهي کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو هو. مقتول جي پٽ محمد زمان بروهي جي فرياد تي سنجر ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ماڊل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ ڄاڻايل فيصلو ٻڌايو فيصلي ۾ ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن کي ڏني ويندي نه ڏيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6مهينا قيد ڪاٽيندا. واضح رهي ته جوابدار پاڻ ۾ پيءُ ، پٽُ ۽ چاچو آهن جڏهن ته مقتول سندن سئوٽ هيو.

پهنجو تبصرو موڪليو