قرآني تعليم کي لازمي قرار ڏيڻ بابت وفاق، سميت ٻين جا جواب جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قرآن پاڪ جي تعليم کي لازمي قرار ڏيڻ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران وفاقي، پنجاب ۽ بلوچستان حڪومتن پنهنجا جواب جمع ڪرايا،سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتن پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جواب موجب وفاقي حڪومت قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، عدالت مداخلت ڇو ڪري؟، درخواستگذار چيو ته جيڪڏهن حڪومتون ڪم ڪري رهيون هجن ها ته هو 5 سالن تائين عدالتن ۾ نه گهمي ها، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو ته ان کي سندس مادري ٻولي ۽ پوءِ انگريزي سيکاري ويندي آهي، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو