اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري شاهه محمود قريشي جي پارٽي ڇڏڻ ۽ في الحال گوشه نشيني اختيار ڪرڻ جو خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ پاران ان خبر جي تصديق يا ترديد هي خبر فائيل ڪرڻ تائين سامهون ناهي آئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قريشي، پارٽي جي جيل کان ٻاهر موجود پي ٽي آءِ اڳواڻن جي رويي کان ڪافي مايوس ٿي ويو آهي. سندس گرفتاري کان وٺي هن مهل تائين نه ڪنهن ساڻس ملاقات جي ڪوشش ڪئي ڪنهن اڳواڻ سندس گرفتاري جي مذمت ئي ناهي ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قريشي، عمران خان جي رويي مان به خوش ناهي ۽ هن به ميڊيا ٽاڪ ۾ ڪڏهن سندس قيد جو ذڪر ناهي ڪيو. خان به رڳو بشريٰ بي بي ۽ پنهنجي ڀيڻن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل ۾ قريشي جي طبيعت خراب آهي ۽ صحت جا ساڻس ڪافي مسئلا آهن. سندس ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته جيل مان آزاد ٿيڻ فوري بعد هو چيڪ اپ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جيان پرويز الاهي به پارٽي اڳواڻن جي رويي مان مايوس آهي ۽ قريشي بعد الاهي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي