قطر، حماس وفد کي ملڪ بدر ڪري، آمريڪا جو مطالبو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)حماس پاران اسرائيلي يرغمالين بابت معاهدي کي رد ڪرڻ واري معاملي تي آمريڪا قطر کان حماس جي وفد کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته قطر حماس جي وفد کي آمريڪا جي حڪم تي دوحا ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.برطانوي ميڊيا موجب آمريڪا قطر کي واضح پيغام ڏنو آهي ته دوحه ۾ حماس قيادت جي موجودگي کي وڌيڪ قبول نه ڪيو ويندو.ياد رهي ته آڪٽوبر جي وچ ڌاري دوحه ۾ ٿيل ڳالهين جو تازو دور به ناڪام ٿيو جڏهن ته حماس مختصر مدي واري جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو