قلات ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي ڪئمپ تي فائرنگ، 4 مزدور مارجي ويا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي قلات جي منگچر علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن هڪ تعميراتي ڪمپني جي ڪئمپ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار مزدور مارجي ويا.ڊپٽي ڪمشنر قلات ڪيپٽن (ر) جميل بلوچ واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن قلات جي منگچر علائقي ۾ لڳ ڀڳ 2:30 وڳي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪئمپ ۾ موجود 4 مزدور مارجي ويا جڏهن ته هڪ مزدور معجزاتي طور تي بچي ويو.ڊي سي وڌيڪ چيو ته ليويز اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ لاشن کي طبي معائني لاءِ رورل هيلٿ سينٽر منڊي حاجي منتقل ڪيو ويو.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل مزدور هڪ ٽيوب ويل تي ڪم ڪري رهيا هئا، فوت ٿيل مزدورن جو تعلق پنجاب جي علائقي صادق آباد سان هو.
وزيراعظم پاران غير مسلح شهري تي حملي جي مذمت
وزيراعظم شهباز شريف قلات ۾ مزدورن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو دهشتگردي جي خاتمي تائين پنهنجي سڪون سان نه ويهندس. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف واقعي ۾ فوت ٿيندڙ چئني ڪارڪنن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهي ڏک جي گهڙي ۾ مزدورن جي خاندانن سان گڏ بيٺا آهن، هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو ڪم ڪندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائين ٿا اهي انسانيت جا دشمن آهن. شهباز شريف واقعي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ فوري طور تي ڪارروائي ڪرڻ ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سزا کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو