قنديل بلوچ جي والدين پاران خون معاف ڪرڻ جي درخواست رد

ملتان(ڊيسڪ نيوز) عدالت مشهور ماڊل ۽ سوشل ميدِيا اسٽار قنديل بلوچ جي والدين پاران قاتلن کي معاف ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ملتان جي ماڊل ڪورٽ اهڙو فيصلو خميس تي ٻڌايو. عدالت چيو ته سڀني شاهدن جا بيان قلمبند ٿيڻ بعد ميرٽ تي فيصلو ڏنو ويندو. گذريل ڏينهن قنديل جي والد محمد عظيم عدالت ۾ قاتلن کي خدا واسطي معاف ڪندي ملزمن جي آزادي بابت بيان حلفي عدالت ۾ داخل ڪرايو هو.

ماڊل قنديل بلوچ جي حياتي ۾ نڪتل تصويرون

 قنديل قتل ڪيس ۾ سندس ٻه ڀائر وسيم ۽ اسلم شاهين سان گڏ ٽي ٻيا ساٿي ملزم به شامل آهن. اربع تي قنديل جي والد محمد عظيم بلوچ ماڊل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل بيان حلفي ۾ چيو آهي ته غيرت ۾ اچي قتل ڪرڻ وارن ملزمن کي معافي نه ملڻ واري قانون ۾ ترميم آڪٽوبر 2016 ۾ ٿي هئي جڏهن ته قنديل جو قتل 15 جولاءِ 2016 تي ٿيو هو ان ڪري اهو قانون هن ڪيس ۾ لاڳو نٿو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو