قنڌار: بم ڌماڪن سبب ٻارن سميت 07 ڄڻا مارجي ويا

قنڌار (ڊيسڪ نيوز) افعانستان جي صوبي قنڌار جي ڏاکڻي حصي ۾ روڊ جي ڪناري تي رکيل بم جي اوچتو ڦاٽڻ سبب اتان لنگهندڙ 02 ٻارن سميت 04 ڄڻا مارجي ويا. ڊان اخبار جي رپورٽ مطابق ڪنهن به تنظيم ان ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. جڏهن ته افغانستان جي هڪ ٻئي علائقي پروان ۾ اڻ ڦاٽل بم ان وقت ڦاٽي پيو جڏهن ٻار ان کي رانديڪو سمجهي کيڏي رهيا هئا. انهيءَ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڳورهاري عورت ۽ 02 ٻار مارجي ويا. مقامي اسپتال جي ڊاڪٽر قاسم سنگن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 07 ٻار ۽ 02 عورتون زخمي پڻ ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو