اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نواب يوسف ٽالپر، مولانا حامد الحق ۽ ٻين جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. نواب يوسف ٽالپر جي حوالي سان پنهنجي تعزيتي بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواب يوسف ٽالپر جو پيپلز پارٽي سان تعلق صرف سياسي نه هو، نواب يوسف ٽالپر سان سندن ٽن نسلن جو خانداني تعلق هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواب يوسف ٽالپر آمريت خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ايم آر ڊي تحريڪ سميت سموري جدوجهد ۾ نواب يوسف ٽالپر ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته نواب يوسف ٽالپر هڪ سياسي ڪارڪن هو، هن شاگردي واري زماني کان سياست شروع ڪئي. نواب يوسف ٽالپر آمريت خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نواب يوسف ٽالپر پنهنجي سياسي زندگي هڪ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان شروع ڪئي ۽ ايم آر ڊي سميت سڀني جمهوري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف جي آمريت ۾ سختيون برداشت ڪيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن ۽ پارٽي ڪارڪنن يوسف ٽالپر کان جمهوريت لاءِ وڙهڻ سکيو، جنرل ضيا ۽ مشرف هليا ويا، پر نواب يوسف ٽالپر ۽ هن جهڙا ڪارڪن اڃا تائين زندهه آهن. خواجه آصف جو چوڻ آهي ته نواب يوسف ٽالپر پنهنجي پارٽي سان مستقل مزاجي ذريعي وفاداري ڪئي، نواب يوسف ٽالپر ثابت قدمي سان پنهنجي پارٽي سان گڏ بيٺل رهيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ علي محمد خان چيو ته نواب يوسف ٽالپور فوت ٿي ويو ۽ مولانا حامد الحق شهيد ٿي ويا، نواب يوسف ٽالپر لاجز ۾ پاڙيسري هو، هو شريف انسان هو، سندس دعا آهي ته نواب يوسف ٽالپور جهڙي شرافت ۽ رحمدلي سندن سياست ۾ اچي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته حميد الحق هڪ مهينو اڳ اسپيڪر آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، سندس مغفرت لاءِ دعاگو آهيون. اجلاس ۾ خواجه اظهار الحسن، رانا تنوير حسين ۽ امير مقام ۽ ٻين پڻ سندس پارٽي ۽ خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن صبح جو 11:30 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
