اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو.اجلاس اڱاري تي 1:30 وڳي بند ڪئميرا تي منعقد ٿيندو، جنهن دوران سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.اجلاس ۾ فوجي قيادت پارلياماني ڪميٽي کي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي.اجلاس ۾ سڀني سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ ۽ انهن جا نامزد نمائندا شرڪت ڪندا.
