قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس ۽ مولانا فضل الرحمان جو مونجھارو

حامد مير
اُهي جيڪي هڪ ايس ايڇ او جي مار هئا، انھن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو خاص اجلاس گهرايو ويو۔ ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود اپوزيشن جماعتن کي به دعوت ڏني وئي.مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان جو خيال هو ته جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ئي عالمن جي ٽارگيٽ ڪلنگ کان پوءِ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ضرور وڃڻ گھرجي. اجلاس ۾ شرڪت جي فيصلي لاءِ تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس گهرايو ويو. اجلاس ۾ هڪ راءِ اها هئي ته قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت تمام ضروري آهي پر قوم کي ٻڌايو وڃي ته دهشتگرديءَ جي خلاف تحريڪ انصاف رياست سان گڏ بيٺل آهي.
ٻي راءِ اها هئي ته تحريڪ انصاف تھ پاڻ ئي دهشتگرديءَ جو شڪار آهي.خيبر پختونخوا ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي دهشتگردن طرفان روز ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. پر حڪومت طرفان تحريڪ انصاف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جعفر ايڪسپريس تي حملي کان پوءِ قوم ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي،پر ڪوئيٽا ۾ تحريڪ انصاف جي ايم اين اي عادل خان بازئي جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا لڳندا رھيا.
تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري کي سينيٽ جي اجلاس ۾ آڻڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪيو ويو ۽ بچاءُ واري وزير خواجه آصف مسلسل تحريڪ انصاف کي دهشتگردن جو ساٿي قرار ڏيندو رهيو، تنهن ڪري قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جو ڪو فائدو ناهي، ڇو ته حڪومت دهشتگرديءَ خلاف قومي اتحاد قائم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي،بلڪھ دهشتگردن خلاف آپريشن جي نالي تي سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ ڊگهي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو ته اڊياله جيل ۾ قيد عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو وڃي، ته جيئن قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو عمران خان پاڻ ڪري.ان دوران تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزئي اڊيالھ جيل ملاقات لاءِ ويندڙن ٻڌائي ڇڏيو ھوءَ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي خلاف آهي.
اڱاري ڏينھن تي اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي عمران خان سان ملاقات ٿي تھ عمران خان کي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اچڪزئي صاحب جي موقف کان به آگاهه ڪيو ويو.عمران خان قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ واري فيصلي جي تائيد ڪري ڇڏي.اهو فيصلو سمورن ڏاھن ۽ مفڪرن لاءِ هڪ ڌڪ هو، جن کي اها توقع هئي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي کان پوءِ سڄي قوم متحد ٿي دهشتگردن جي خلاف ھڪ نئين حڪمت عملي ٺاهيندي.مخالف ڌر جي جماعتن جو فيصلو ظاهر ڪري رھيو ھو ته سياسي ورڇ ايتري وڌي چڪي آهي جو ڌريون سياسي اختلافن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري چڪيون آهن.اھا بھ ھڪ طرح جي انتھاپسندي آھي،جنھن جو مظاھرو سوشل ميڊيا تي نظر اچي ٿو.سوشل ميڊيا تي حڪومت جا حامي ۽ مخالف رڳو ھڪ ٻئي تي ڇوھ ڇنڊيندي نظر اچن ٿا،بلڪھ ھڪ ٻئي جي خاندانن جي عورتن جي باري ۾ پڻ اڻ ُسھندڙ ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا.اهو افسوس جوڳو لاڙو اصل ۾ اسان جي اخلاقي پستيءِ جو مظھر آھي.
سوشل ميڊيا تي گارگند صرف هڪ ڌر طرفان نٿي ڪئي وڃي، پر ٻنهي پاسن کان گارگند ٿي ٿي ۽ ھڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ائين لڳي ٿو ڄڻ هر ڪنهن پنهنجي مٿي تي ايمان جو ٽوڪرو کڻي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بازار ۾ پنهنجو ايمان وڪڻي رهيو آهي. موجوده حڪومت سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ڪندڙن خلاف “پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025” جي نالي سان هڪ قانون ٺاهيو آهي. ان قانون تي رڳو وفاقي ۽ پنجاب حڪومت ئي نھ پر خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان حڪومت به عمل ڪري رهيون آهن، پر توهان کي سوشل ميڊيا تي ڪٿي به امن امان نظر نھ ايندو.خدشو آهي ته ھڪ قومي اتفاق راءِ بنا دهشتگردن خلاف نئون آپريشن ڪيو ويو ته ان جو نتيجو به اھو ئي ٿيندو جيڪو پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 جو ٿيو آھي. حڪومت طرفان دهشتگردي جي تازن واقعن کان پوءِ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرائڻ هڪ اهم اڳڀرائي هئي، پر ان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جن قدمن جي گھرج ھئي اھي نه کنيا ويا. هاڻي تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، ته ان اجلاس ۾ شرڪت کي عمران خان جي پيرول تي آزاديءَ سان ڇو مشروط ڪيو ؟ سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته مولانا فضل الرحمان ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار نه ڪيو. هو اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ ھن چٽي نموني پنهنجو نقطھ نظر پڻ بيان ڪيو.
هن خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي حالتن جو جيڪو نقشو چٽيو اھو اصل ۾ رياستي ادارن جي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. مولانا فضل الرحمان اهي ئي ڳالهيون ڪيون، جيڪي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ڪندا آهن، پر مولانا صاحب جو لهجو ٿورڙو مختلف هوندو آهي.گذريل ڪجهه مهينن کان عمران خان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن نھ ڪنھن طرح سان مولانا فضل الرحمان کي گرينڊ اپوزيشن الائنس جو حصو بڻايو وڃي.مولانا صاحب ان معاملي ۾ تمام گھڻو محتاط آهي. هو موجوده حڪومتي بندوبست کان ايترو ئي ناراض آهي، جيترو عمران خان آهي، پر هو عمران خان سان اتحاد ڪري مٿس تنقيد ڪندڙن کي اهو موقعو ڏيڻ نٿو چاهي ته اھي هن کي “مولانا يوٽرن” قرار ڏين.
تحريڪ انصاف جي قيادت کي به اهو احساس ھو تھ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف سان اتحاد ۾ شامل ٿئي ٿو تھ ان مان وڌيڪ فائدو تحريڪ انصاف کي ٿيندو، مولانا کي نه ٿيندو. ان ڪري تحريڪ انصاف گذريل ڪجھھ ڏينھن اڳ مولانا صاحب کي ھڪ اهڙي آڇ ڪئي، جنهن تي مولانا پاڻ بھ حيران پريشان ٿي ويو.مولانا وٽ انڪار جي ڪا به گنجائش نه هئي، تنهنڪري هن تحريڪ انصاف وارن کي چيو ته، جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻن جي پاڻ ۾ صلاح کان پوءِ پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندو.اھا ڳالهه ٻولهه اڃا جاري هئي ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ٿي ويو ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو.
مولانا فضل الرحمان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، تحريڪ انصاف شرڪت نه ڪئي. چوڻ وارا چون ٿا تھ مولانا ۽ عمران خان گڏجي نه ٿا سگهن. مولانا جي ويجهن ذريعن کي به شڪايت آهي ته تحريڪ انصاف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي معاملي تي انهن سان ڪو مشورو نه ڪيو. اڃا تائين مولانا، تحريڪ انصاف سان گڏجي ڪنھن تحريڪ هلائڻ جي معاملي تي ڍرائي ڏيکاري آهي، پر حڪومت اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهي آهي جو مولانا وٽ تحريڪ انصاف سان گڏجي ڪري پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو باقي نه رهي.
جيڪڏهن مولانا جي تحفظات کي ختم ڪرڻ کان سواءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، ته پوءِ مولانا به اهو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو شهباز شريف ڪيو ھو. شهباز شريف چوندو هو ته، هوءَ آصف علي زرداري کي ابتو ٽنگي ڦرلُٽ جو پئسو واپس آڻيندو، پوءِ هن زرداري صاحب کي پاڪستان جو صدر بڻائي ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ (ف) ۾ به اهڙو ئي ڪو بندوبست ٿي وڃي، جيڪو ڪم شهباز شريف ڪيو، اهو مولانا ڇو نه ٿو ڪري سگهي؟

هي آرٽيڪل روزاني جنگ جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو