قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو،عسڪري قيادت بريفنگ ڏيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي اڄ هڪ بند ڪمري جو اجلاس ڪندي، جنهن ۾ فوجي قيادت پارليامينٽ کي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي. هي اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي طلب ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ حڪومت جي وچ ۾ رابطي کان پوءِ، پاڪستان تحريڪ انصاف به ان ڪئميرا اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پي ٽي آءِ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسپيڪر کي 14 نالا موڪليا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي 14 نالا پيش ڪيا آهن، جن ۾ بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ زرتاج گل شامل آهن.صاحبزاده حامد رضا، عامر ڊوگر، ثناءُ الله مستخي خيل، علي محمد خان، علي ظفر، سينيٽر همايون مهمند ۽ عون عباس بپي ۽ ٻيا شامل آهن.قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ صبح 11 وڳي پارليامينٽ هائوس جي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو.اجلاس ۾ فوجي قيادت پارلياماني ڪميٽي کي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي.اجلاس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سڀني سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ ۽ انهن جا نامزد نمائندا شرڪت ڪندا. لاڳاپيل ڪابينا ميمبر پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو.قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي ڪري پارليامينٽ هائوس ۽ ان جي احاطي ۾ غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. ان دوران، سڀاڻي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندڙ سڀئي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ذيلي ڪميٽي جون گڏجاڻيون منسوخ ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو