قومي ٽيم جو فٽنس ڪلچر ماضي جو داستان بڻجي ويو

ڪراچي(رپورٽر) قومي ٽيم جو ”فٽنس ڪلچر“ ماضي جو داستان بڻجي ويو آهي جڏهن ته 112 ڪلو جي شرجيل خان جي شموليت مصباح کي ناراض ڪري ڇڏيو.”فٽنس ڪلچر“ تي ٽيم مينيجمينٽ ۽ سليڪشن ڪميٽي هڪ صفحي تي نظر نه پيا اچن، ڏکڻ آفريقا جي دوري ۽ زمباوي جي اسڪواڊ لاءِ ”اوور ويٽ“ شرجيل خان جي شموليت معاملن کي بگاڙي ڇڏيو، مصباح الحق جڏهن کان قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي سنڀاليو آهي تڏهن کان فٽنس تي هن جو خاص ڌيان رهيو آهي پر هن ڀيري محمد وسيم شرجيل خان جي چونڊ ڪري هن جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي ڪپتان ڪجهه سال اڳ هڪ ٽوئر ۾ مڪي آرٿر کي 96 ڪلو جي شرجيل کي واپس موڪلڻ لاءِ چيو هو، اوپنر هاڻ 112 ڪلو جو ٿي چڪو آهي ۽ مصباح کي اهو خراب لڳي رهيو آهي، هن کي اها ڳالهه به پسند نه آئي ته ياسر شاهه کي فٽنس جو جواز ڄاڻائي سليڪٽ نه ڪيو ويو پر شرجيل کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو.محمد وسيم آئنده فٽنس جي جاءِ تي صلاحيتن کي چونڊ جو پيمانو قرار ڏنو هو، هيڊ ڪوچ ان تي به خوش ناهي ، کيس لڳي ٿو ته ان سان وڌيڪ”انفٽ“ ڪرڪيٽرز لاءِ ٽيم جا دروازه کلي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو