قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هاڻ فٽ ڏکڻ آفريقا خلاف ميچ کيڏندو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جو ڪپتان ان فٽ ٿي پيو هو پر هاڻ فٽ آهي ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف ايڪشن ۾ نظر ايندو.وطن واپس آيل ان فٽ قومي ڪرڪيٽر هاڻ پرفارمينس سينٽر ۾ بحالي جي لاءِ ڪوشان هوندا، بابراعظم کي سومر جي ڏينهن هاءِ پرفارمينس ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ميڊيڪل چيڪ اپ کانپوءِ بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف سان پريڪٽس سيشن ڪري سگهندو.بابراعظم اڱوٺي جي تڪليف مان نجات کانپوءِ نيوزي لينڊ ۾ هلڪي بيٽنگ پريڪٽس ڪري رهيو هو، هاڻ باقاعده بيٽنگ پريڪٽس ڪري ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کان اڳ مڪمل فٽنس حاصل ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو