سنڌ جي ثقافت سنڌو ۽ اسلامي تهذيب جو خوبصورت امتزاج آهي:بلاول

ڪراچي/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندڙن کي مبارڪون ڏنيون آهن. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پي پي پي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت سنڌو تهذيب ۽ اسلامي تهذيب جو خوبصورت امتزاج آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو سنڌ جي ثقافت جي ماءُ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اجرڪ، ٽوپي، رلي، لوڪ ادب، موسيقي ۽ روايتي کاڌا پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ رکن ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ گهڻ – ثقافت (diversity) ان جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي. سڄي دنيا پڻ ان ڳالهه تي متفق آهي ته گهڻ ثقافت (diversity) انسانيت جو گڏيل ورثو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت، فن ۽ ادب کي هٿي وٺائڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي. هن پاڪستاني نوجوانن تي زور ڏنو ته هو دنيا ۾ پنهنجي ثقافت کي جديد انداز ۾ هئي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو