قومي ڪرڪيٽرن جي اين او سي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽرن جي نان اعتراض سرٽيفڪيٽ (اين او سي) ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۽ بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جي اين او سي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي پيغام ڏنو آهي ته جاري ڪيل اين او سي ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب اڪثر رانديگرن کي 7 فيبروري تائين اين او سي جاري ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ واڌ نه ملڻ تي رانديگرن ۾ ڪاوڙ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جو حصو نه بڻجندڙ رانديگرن کي به واپس گهرايو ويو آهي.ان حوالي سان هڪ رانديگر جو خيال آهي ته جن کي ڪم لوڊ مينيجمينٽ جو مسئلو ناهي انهن کي وڌيڪ کيڏڻ جي اجازت ڏني وڃي، پي ايس ايل 17 فيبروري کان آهي، آخري ميچون پوءِ پرڏيهي ليگز ۾ کيڏي سگهجن ٿيون.ڄاڻايل رانديگر جو چوڻ آهي ته ڪجهه رانديگرن کي 13 فيبروري تائين اين او سي ڏنو ويو آهي جڏهن ته هڪ رانديگر کي 16 فيبروري تائين اين او سي مليل آهي، پي سي بي کي يونيفارم پاليسي ٺاهڻ گهرجي ۽ جيڪي قومي ٽيمن ۾ شامل ناهن انهن کي کيڏڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو