لائين مرمتي ڪم تيزي سان جاري، اربع مڪمل ٿيندو،ڪارپوريشن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن پاران والوز جي تبديلي ۽ لائينن جي مرمت جو ڪم 24 ڪلاڪ بغير ڪنهن وقفي جي هنگامي بنيادن تي جاري آھي ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب مرمت جو ڪم اربع جي ڏينھن تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان شهر کي پاڻي جي فراهمي معمول موجب شروع ڪئي ويندي ھن چيو تہ شهر ۾ وال ڪنٽرولنگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ٻہ بٽر فلائي والوز نصب ڪيا پيا وڃن ۽ ان حوالي سان واٽر ڪارپوريشن جي نئين انتظاميا پاران شهر جي بهتري لاءِ هڪ اهم قدم کنيو ويو آهي ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ وال ڪنٽرولنگ سسٽم سان شھر ۾ پاڻي جي منصفاڻي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي ڇاڪاڻ تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ چيف انجنيئر واٽر ڪارپوريشن ظفر پليجو ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر سيد محمد اعجاز سميت سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ڇاڪاڻ تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر ۽ ملازم شهرين جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو