لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)آمريڪي شهر لاس اينجلس جي ويجهو ٻيلي ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. نيشنل گارڊ اهلڪارن کي فائر فائٽرز جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. چئن هنڌن تي لڳل باهه ۾ پنج ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ درجنين زخمي ٿي پيا آهن.آمريڪي ميڊيا موجب، باهه اڱاري جي صبح لاس اينجلس جي پئسفڪ پيليسيڊس رهائشي علائقي ۾ لڳي وئي.بي قابو باهه هڪ هزار کان وڌيڪ گهر ۽ ڪاروبار کي ساڙي ڇڏيو، جنهن جو نقصان 50 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو اندازو لڳايو ويو.باهه التدينه علائقي ۾ التقوي مسجد کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن جا اربين رپين جا گهر به تباهه ٿي ويا، ۽ باهه وسائڻ لاءِ عملي ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته تيز ۽ خشڪ هوائن سبب باهه تيزي سان پکڙجي وئي.لکين ماڻهن کي متاثر علائقن مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، ڪيليفورنيا ۾ 5 هنڌن تي باهه لڳي رهي آهي، رهاڪن جي گهرن مان نڪرڻ تي لٽيرا ڪامياب ٿي ويا آهن، ۽ خالي گهرن ۾ ڦرلٽ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.فائر برگيڊ عملدارن موجب، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ۽ پوليس باهه جي صورتحال کي غير معمولي ۽ ناقابلِ فهم قرار ڏنو آهي.
آرمي ايڪٽ صرف فوج تي لاڳو ٿئي ٿو، فيصلو ڪير لکندو آهي؟،عدالت
ڊسمبر 2024 ۾ پاڪستانين 3.07 ارب ڊالر گهر ڏيهه موڪليا
نقوي جي فضل الرحمان سان ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون
26 نومبر احتجاج، پي ٽي آءِ جي 153 ڪارڪنن جي ضمانت منظور، 24 جي رد
بي رحم ڌاڙيلن هٿان مزاحمت ڪرڻ تي شهري قتل
ڪراچي کان پرڏيهه ويندي 35 مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو
علامه اقبال ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن جي آمد شروع
چپڙي يڪتاري جو من موھيندڙ واحد فنڪار جلال چانڊيو
ڪراچي ۾گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت
ڪو به مون سان شادي ڪرڻ نٿو چاهي: اداڪاره ميرا
پي سي بي 2024 لاءِ هال آف فيم ڪرڪيٽرن جو اعلان ڪري ڇڏيو
9 مئي جي جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن م ڇو هلايا ويا؟ سپريم ڪورٽ
واءِ فاءِ ذريعي حساس معلومات چوري ٿي سگهي ٿي، سخت اپائن جي هدايت
ڀتو نه ڏيڻ تي خارجين 17 شهرين کي اغوا ڪري ورتو
ٺٽي ۾ نيشنل هاءِ وي تي روڊ حادثو،4 ڄڻا فوت،3 ڄڻا زخمي
قبر جا پئسا ڏيڻا پوندا، لاشن جي تدفين لاءِ سرڪاري اگهه مقرر
بلاول سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات،ملڪي صورتحال تي ڳالهيون
بدين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو، ،پيرسن قتل ٿي ويو
ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو،جوابدار فرار
اليڪشن ڪميشن، سينيٽر ابڙو جي نااهلي بابت ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو