تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ
زلزلا، ٻوڏ، باھ، خشڪسالي وغيرھ جنهن کي قدرتي آفت سڏيو وڃي ٿو جيڪي دنيا ۾ برپا ٿينديون رهن ٿيون ۽ انسانن جي لڏپلاڻ ٿئي ٿي ۽ اشرف المخلوقات کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بلڪل اهڙي قسم جي هڪ قدرتي آفت اڱاري واري ڏينهن آمريڪا جي مهانگي ترين شهر لاس اينجلس جي جنگل ۾ لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي لاس اينجلس جهڙي خوبصورت شهر کي باھ جي شعلن ۽ دونهين جي نظر ڪري ڇڏيو. انهيءَ باھ کي آمريڪا جي تاريخ جي خطرناڪ آفت قرار ڏنو پيو وڃي. گوگل ميپ جي مدد سان نڪتل تصويرون پوري لاس اينجلس کي باھ ۾ سڙيل ڏيکاري رهيا آهن،اها باھ پنج مختلف هنڌن تان ڀڙڪي جنهن تي ضابطو آڻڻ مشڪل ٿي پيو، مقامي انتظاميه ان ڏس ۾ ڪافي ڪوششون ورتيون پر باھ کي وسائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن هو. باھ سان وڌيڪ نقصان پيسفڪ پليسيڊر ۽ پيسا ڊينا جي علائقن ۾ ٿيو آهي انهن علائقن ۾ انهيءَ باھ تقريبن هر شئي ساڙي رک ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ باھ جي ڪري لڳ ڀڳ چوٽيھ هزار ايڪڙن تي لڳل باھ هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي هر طرف رڳو خاڪ ئي خاڪ جا ڀيانڪ منظر ڏسڻ لاءِ ملندا. انهيءَ باھ جي ڪري جتي هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن اتي ڪافي ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع پڻ آهن. باھ جي نقصان جو اندازو تقريبن 150 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، جنهنڪري انهيءَ آفت کي آمريڪا جي مهانگي ترين آفت پڻ چيو پيو وڃي. انهيءَ باھ لڳڻ کان پهريان آمريڪا جي هڪ مشهور نجوميءَ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ باھ لڳڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي هئي جنهن ۾ هن ڪافي تباهيءَ جو ذڪر دهرايو هو. مقامي ميڊيا مطابق انهيءَ باھ جي ڪري اٺ هزار کان وڌيڪ گهر سڙي خاڪ، ۽ پنج هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي جڏهن تہ پنج هزار گهرن کي معمولي نقصان پهتو آهي. انهيءَ باھ کي وسائڻ لاءِ چوڏهن هزار فائر فائيٽر عملو ۽ جيل ۾ قيد رهندڙ چار سئو قيدي پڻ رضاڪارانا طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهو يقينن عجيب پيو لڳي تہ قيدي باھ وسائڻ ۾ فائر فائيٽرز جي مدد پيا ڪن، آمريڪا ۾ 1915ع ۾ پڻ باھ لڳي هئي جنهن ۾ پڻ قيدين کان مدد ورتي وئي هئي. ماهرن جي مطابق اها باھ هڪ سئو ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان لڳي جنهن تمام گهڻي تباهي آندي باھ لڳڻ جا سبب جاچڻ لاءِ ماهرن پنهنجون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن پر اڃا تائين اهڙي ڪنهن بہ سبب جو ذڪر نہ ڪيو ويو آهي.
انهيءَ باھ هالي ووڊ جي مشهور ستارن جا گهر پڻ ساڙي خاڪ جي نظر ڪري ڇڏيا جن اداڪارن جو نقصان ٿيو آهي تن ۾ ڪجھ جو ذڪر هن ريت آهي.
پيرس هلٽن: سندس چوڻ هو تہ مان پنهنجي گهر جي سڙڻ جو منظر ٽيليويزن تي براھراست ڏسي رهي هيس ان وقت تمام گهڻي تڪليف پهتي ۽ منهنجي دل شڪستہ ٿي پئي آهي.
انٿوني ھاپڪنز: ٻہ دفعا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ انٿوني ھاپڪنز جي مهانگي ترين رهائش گاھ بہ باھ جي نظر ٿي وئي. 87 سالن جي ھاپڪنز جو چوڻ هو تہ کيس تمام گهڻو دلي صدمو رسيو آهي.
جيف بريجز: فلم ” دي بگ ليبائوسڪي” جي لاءِ مشهور ۽ آسڪر ايوارڊ يافته جيف بريجز کي پڻ پنهنجي گهر سڙڻ جو شديد ڏک پهتو آهي، هي پنهنجي خاندان سميت انهيءَ عاليشان گهر ۾ رهندو هو.
ٻيا جيڪي هالي ووڊ ستارا جن پنهنجي کي قسمت پنهنجي عاليشان بنگلن ۽ محلن کان پري ڪري چڏيو تن ۾ بلي ڪرسٽل، يوجين ليوي، جان گڊمين،مارڪ هيميل، جينيفر گري، ڪيري ايلز، ايڊم برائوڊي، مائلز ٽيلر، جيمز وڊز ۽ جيمي لي ڪرٽس شامل آهن.
لاس اينجلس ۾ لڳندڙ خوفناڪ باھ
شاهراهه ڀٽو جو افتتاح، وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ پيو ڪري، بلاول
بنگلاديش پاڪستان لاءِ ويزا شرط نرم ڪري ڇڏيا، آن لائن ويزا جي به سهولت
اصل گرفت اسٽيبلشمينٽ جي آهي، اسان صرف پارليامينٽ ۾ ويٺا آهيون، مولانا
شاهراه شهيد ذوالفقار ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عملي جدوجهد جو نتيجو آهي
سانا طرفان پاڻي ڪانفرنس،ڪئنال ڪڍڻ زندگي ۽ موت جو مسئلو قرار
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار
غريب ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تائين پهچ يقيني بڻائڻي پوندي
قومي اسيمبلي 13 جنوري ۽ سينيٽ جو اجلاس 14 جنوري تي طلب
منڊي بهاءُ الدين ۾ آتشبازي جي سامان ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي
ملير ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح، عزم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي
پي بي 45 تان ڪامياب اميدوار علي مدد جتڪ جو نوٽيفڪيشن معطل
لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه آيو، 11 ڄڻا فوت
نوابشاهه ۾ استاد جو معصوم نينگر تي تشدد، اک ضايع
مٽياري ۾ پوليس ڪارروايون، شراب هٿ، 3 جوابدارن گرفتار
اسٽاڪ ايڪسچينج پوري هفتي ۾ ٻاڙائي رهي، بلند سطح 118735 رهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريگيولر بينچن جي نئين لسٽ جاري
پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي: ملالا يوسفزئي
وصي الله لاکو جي انٽرپول ذريعي گرفتاري لاءِ وفاق کي خط
عمران جي بني گالا منتقلي واري خواهش ۾ ڪا به سچائي ناهي