لالچين ۽ نجومين قديمي قبرستان ڦٽائي ڇڏيو، ورثو بچائڻ جي اپيل

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ) ڪاڇي جي تاريخي قبرستان ميرالهيار خان ٽالپر کي دنيا ۽ دولت جي پوڄارين مسمار ڪري ڇڏيو، مقبرا ۽ قبرون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، علائقي واسي ميت دفنائڻ ڇڏي ڏنا آهن. مانهون قبرن جون سرون پٽي کڻي پيا وڃن. آرڪيالاجي کاتي طرفان قبرستان جي مالڪي نه ڪرڻ سبب نئين گاج جو پاڻي اڌ قبرستان جو قبرون لوڙهي ويو آهي. نئين گاج جي ڪنڌي تائين قائم ڏيڍ سئو سال پراڻي ۽ تاريخي قبرستان پنهنجي اصل حالت وڃائي چڪو آهي. ٽالپر حڪمران مير الهيار خان ٽالپر جي نالي سان منصوب هي تاريخي ورثو تباھ ڪيو ويو آھي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ علم نجوم وارن ۽ لالچي ماڻهن قبرن ۾ دولٽ پوريل هئڻ جي شڪ جي بنياد تي تاريخي ماڳ مٽائي ڇڏيو آهي. ڪجهه قبرن مان ته انساني هڏن جا پڃرا ڪڍي ٻاهر اڇلي ڇڏيا آهن. اعلي معياري چٽسالي رنگن روپن سان تعمير ٿيل خوبصورت قبا ڊھڻ ۽ ڀُرڻ شروع ٿي ويا آھن. علائقي جا ڌنار مال ڇڏي ڏين ٿا ۽ مال جي لتڙ سبب پڻ قبرن کي نقصان رسي ٿو. هن تاريخي قبرستان اندر علائقي جي وڏي بزرگ هستي پيرل شاھ جي قبر هئڻ ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جا ماڻھون ۽ ڪاڇي واسي مرادون ۽ منتون کڻي ايندا آھن ۽ ديڳيون پڻ لاهيندا آھن. سخت ڏُڪاري حالتن ۾ به هتي لنگر هلندو آهي.

ڏاهري، سرهيا، وگهيا، کچي، لنڊ، ٻٻر، جمالي، رند، سومرا، عباسي، ڪلهوڙا، سيد ۽ ٻين ذاتين جا هزارين ماڻھو هت مدفون ھن. دادو جي ضلعي انتظاميه کي آرڪيالاجي کاتي طرفان لکين رپيا فنڊ ملڻ باوجود ورثي کي بچائڻ لاء ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آھي. علائقي جي سماجي اڳواڻن سرور کچي، اعظم لنڊ،علي احمد لنڊ، رئيس خالد حسين سرهيو۽ ٻين وزير اعلي سنڌ ۽ لاڳاپيل کاتي جي اختيارين کان گهر ڪئي آھي هن قبرستان جي فوري طور مالڪي ڪري قومي ورثي کي وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي ۽ نئين گاج واري پاسي کان ڀت ڏياري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو