لاهور، زمين تان قبضي ڇڏائڻ تي مزاحمت، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پوليس اهلڪار زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي ڪاهنا ۾ سرڪاري زمين تان قبضو ڇڏائڻ دوران مزاحمت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پوليس آفيسر سميت ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا، وڪيل جي گرفتاري تي وڪيلن احتجاج طور فيروزپور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. پوليس موجب غير قانوني قبضو روينيو کاتي جي درخواست تي واپس ورتو پيو وڃي، جنهن تي قبضو ڪندڙن مزاحمت ڪئي.جهيڙي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ضمير جهيڙو، ماڊل ٽائون بار جو نائب صدر وقاص ڪاهلون ۽ پوليس پوسٽ انڊسٽريل ايريا جو انچارج سب انسپيڪٽر نديم زخمي ٿي پيا.پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ضمير جهدو ۽ وقاص ڪاهلون ايڊووڪيٽ سميت 9 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جنهن کان پوءِ وڪيل ڪاهنا پوليس اسٽيشن جي ٻاهران مين فيروزپور روڊ تي گڏ ٿيا ۽ ٽائر ساڙي پوليس خلاف احتجاج شروع ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو