لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ سموگ جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته لاهور دنيا جي گدلن ترين شهر ۾ پهرين نمبر تي آهي. باغن جي شهر لاهور ۾ فضائي آلودگي جي شرح 499 تي پهچي وئي. پنجاب حڪومت طرفان تعليمي ادارا کوليا ويا، جڏهن ته ريسٽورنٽس رات 10 وڳي تائين کولڻ بعد گرين لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي ڪئي وئي. پنجاب حڪومت تفريحي ماڳن کي رات 8 وڳي تائين کليل رکڻ، فيسٽيول ۽ نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي. چيف ميٽرولاجسٽ جو چوڻ آهي ته هوا جو رخ ڏکڻ اوڀر طرف ٿيڻ سبب 24 نومبر تائين لاهور ۾ سموگ ۾ اضافو ٿيندو، لاهور ۾ برسات جو ڪوبه امڪان ناهي، جابلو علائقن ۾ برسات سان گڏ برفباري جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو