لاهور قلندرز سان منهنجو سفر ختم ٿي ويو: محمد حفيظ

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم لاهور قلندرز سان منهنجو سفر ختم ٿي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي محمد حفيظ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته 4 سالن جي شاندار سکيا ۽ ڪاميابين تي شڪر گذار آهيان.محمد حفيظ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لکيو ته لاهور قلندرز سان گڏ گذاريا لمحا هميشه ياد رکندس.هن لکيو ته لاهور قلندرز سان مستقبل لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو