لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيون جي فائنل ميچ ۾ لاهور قلندرز 42 رنز تان ڊفينڊنگ چيمپئن ملتان کي شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتي ۽ پهريون ڀيرو ٽائٽل کٽي ورتو. ان کان اڳ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور ابتدا ۾ وڏي مشڪل ۾ رهي پر ٽيل اينڊرز ملتان کي 5 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ کٽڻ لاءِ 181 جو ٽارگيٽ ڏنو.محمد رضوان ۽ شان مسعود اننگ اوپن ڪئي، چوٿين اوور ۾ 36 جي مجموعي اسڪور تي رضوان 3 چوڪا هڻي 12 بالن تي 14 رنز ٺاهي حفيظ جي بال تي بولڊ ٿيو. 41 جي مجموعي اسڪور تي پنجين اوور ۾ شان مسعود، فخر جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، چهين اوور ۾ حفيظ 2 رنز ڏئي عامر عظمت جي وڪيٽ به ورتي. ملتان جون 3 ٽاپ وڪيٽون 46 تي ڪري پيون. جنهن بعد رلي روسو ۽ آصف آفريدي اسڪور اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا آفريدي کي هڪ رن تي زمان خان بولڊ ڪري 50 جي مجموعي اسڪور تي ملتان جي چوٿين وڪيٽ ڪيرائي. هن هڪ چوڪو هنيو ۽ 15 بالن تي 19 رنز اسڪور ڪيون. ملتان جي پنجين وڪيٽ 63 جي اسڪور تي 11 هين اوور ۾ رلي روسو جي ڪري جنهنجنهن کي زمان جي بال تي عبدالله شفيق ڏاهاڻي وانگر بائونڊري تي ڪيچ ڪيو. جنهن 22 بالن تي 15 رنز ٺاهيون. 114 تي ٽم ڊيوڊ 23 بالن تي 32 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي فخر هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، 17هين اوور ۾ ڊيوڊ ولي کي شاهين بولڊ ڪيو، 122 تي ملتان جي 8 وڪيٽ ڪري خوشدل 23 بالن تي 32 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي بولڊ ٿيو. ان سان گڏ ملتان جون اميدون ختم ٿيون. رومان رئيس ۽ عمران طاهر وڪيٽ تي هئا پر لاهوري خوش هئا. ڇو ته ملتان کي 10 بالن تي 48 رنز گهربل هيون. 133 تي ملتان جا 8 آئوٽ هئا. 19هين اوور ۾ شاهين آفريدي کي رومان رئيس چوڪو هنيو پر اڳلي بال تي کيس يارڪر تي بولڊ ڪيو. شاهيين آفريدي کي شروع وارن ٻن اوورن ۾ سٺو ڪٽڪو مليو پر آخري ۾ ڪم بيڪ ڪري 3 وڪيٽون وٺي ايور ايج بهتر ڪري ويو. ملتان 19.2 اوورز ۾ 138 رنز تي آل آئوٽ ٿي و؟ئي ۽ لاهور هٿان 42 رنز تان هارائي وئي. آخر ڪار لاهور پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن جي فتح پنهنجي نالي ڪري ورتي. 6 ٽيمن جي ٽورنامينٽ ۾ ملتان کي 11 ميچز ۾ 2 شڪستون مليو جيڪي لاهور ڏنيون. فخرالزمان ۽ عبدالله شفيق اننگ شروع ڪئي، ٽئين اوور ۾ فخر جنهن 6 بالن تي 3 رنز ٺاهيون هيون تنهن آصف آفريدي کي وڏي هٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاهنواز ڏاهاڻي بائونڊري تي کيس ڪيچ ڪري ورتو. هي هڪ مشڪل ڪيچ هو پر بيلنس قائم رکڻ تي ڪمنٽيٽر به ڏاهاڻي جي شاندار ڪيچ جي تعريف ڪندا رهيا.
چوٿين اوور ۾ ذيشان اشرف هڪ چوڪو هڻي 5 بالن تي 7 رنز ٺاهي ڊيوڊ ولي جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. هن اوور جي آخري بال تي عبدالله شفيق جو ڪيچ انور علي ڊراپ ڪيو.14 رنز اسڪور ڪري عبدالله شفيق به آصف آفريدي جي بال تي ڪيپر هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو. ڪامران غلام ۽ محمد حفيظ ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ بهتر پارٽنرشپ ڪئي پر ٻارهين اوور ۾ آصف آفريدي کي ٽئين وڪيٽ ملي جڏهن بائونڊري تي ڇڪي جي ڪوشش ۾ ملتان جي شان مسعود بال پڪڙي بائونڊري جي اندر اڇليو ۽ پاڻ ٻاهر هليو ويو ۽ بال ٽم ڊيوڊ پڪڙي ورتو ۽ 20 بالن تي 15 رنز ٺاهي ڪامران غلام آئوٽ ٿيو.
ٻارهين اوور ۾ 79 تي لاهور جا 4 ٽاپ بيٽر آئوٽ ٿي چڪا هئا. 15 هين اوور ۾ حفيظ جي ففٽي ۽ لاهور 100 جو فگر پار ڪيو. 17هين اوور ۾ رومان رئيس کي جڏهن حفيظ ۽ هيري بروڪس ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏنو ته ارڙهون اوور رضوان ڏاهاڻي کان ڪرايو، پهرين بال تي حفيظ کيس چوڪو هنيو ٻئي بال تي ڪور ۾ شان مسعود هٿان کيس ڪيچ ڪرائي پهرين وڪيٽ ورتي. حفيظ هڪ ڇڪي ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 69 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو، جنهن بعد هيري بروڪ ۽ ڊيوڊ ويزي آخري ٻن اوورز ۾ زوردار شاٽ کيڏي لاهور جو اسڪور 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180 تائين پهچايو. هيري بروڪ 22 بالن تي 41 ۽ ڊيوڊ ويزي 8 بالن تي 28 رنز اسڪور ڪري لاهور کي فائيٽنگ اسڪور تائين پهچايو. ٽاس هارائيندڙ ملطان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته اسين تاس کٽون ها ته اسين به بيٽنگ ڪريون ها. ماهرن جو چوڻ آهي ته لاهور کي اڳ ۾ بيٽنگ جو فائدو ملي سگهي ٿو. ان کان اڳ پي ايس ايل جي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين رميز راجا پي ايس ايل ڪاميابي تي ميڊيڪل، سيڪورٽي،گرائونڊ اسٽاف ۽ سڀني شعبن جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي به اچڻو هو پر هو ڪونه آيو.