لاهور 6 رنز تان ميچ کٽي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيون جي سيڪنڊ پلي آف ۾ لاهور قلندرز 6 رنز تان اسلام آباد کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وئي. آچر تي فائينل ۾ سندن مقابلو ملتان سان ٿيندو.آفريدي، زمان ۽ حارث ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، ڊيوڊ ويزي هڪ وڪيٽ ورتي.آصف 25، حسن علي 6 ۽ محمد وسيم 5 تي آئوٽ ٿيا ۽ اسلام آبا جي سڄي ٽيم 19،4 اوورز ۾ 162 تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ان کان اڳ ٽاس کٽي لاهور بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 168 رنز ٺاهي سگهي. جواب ۾ اسلام آباد جي شروعات به سٺي نه ٿي پال اسٽرلنگ جوڪو خاص ڪري هن ميچ لاءِ واپس آيو هو، رڳو 13 رنز ٺاهي 16 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو، آفريدي جي بال تي حارث هٿان ڪيچ ٿيو، ٽئين اوور ۾ ول جيڪس به آفريدي جي بال تي حارث هٿان ڪيچ ٿيو، پنجين اوور ۾ شاداب خان به 8 بالن تي 14 رنز ٺاهي زمان خان جي بال تي فل سالٽ هٿان ڪيچ ٿيو، ليم ڊاسن 6 بالن تي 12 رنز ٺاهي ڪامران غلام جي ٿررو تي آئوٽ ٿي ويو. 7 اوورز ۾ اسلام آباد 54 تي 4 آئوٽ هئا. پنجين وڪيٽ جي شراڪت ۾ اعظم خان ۽ ايلڪس هيلز وچ ۾79 رنز جي پارٽنر شپ ٿي ۽ اعظم خان ٻن ڇڪن ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 40 رنز ٺاهي حارث جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. ان بعد حسن علي 6 بالن تي 6 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، اسلام آباد کي 12 بالن تي 17 رنز گهربل هيون. ان کان اڳ لاهور قلندرز پاور پلي ۾ ڪافي منجهيل هئي، فخر الزمان الزمان 2 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو ۽ 7 جي مجموعي اسڪور تي فل سالٽ به آئوٽ ٿي ويو ۽ ٻئي وڪيٽون ليم ڊاسن ورتيون. عبدالله شفيق ففٽي مڪمل ڪئي 52 رنز تي 3 چڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي شاداب جي بال تي ڪيچ ٿيو. ڪامران غلام 30 ۽ محمد حفيظ 28 سمت پٽيل 21 ۽ ڊيوڊ ويزي 8 بالن تي 28 رنز ٺاهي لاهور کي فائيٽنگ پوزيشن ۾ آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو