لاهور جي ڪراچي کي شڪست، بين ڊنڪ ميچ کسي ويو

لاهور (ويب ديسڪ) لاهور (ويب ديسڪ) پي ايس ايل فائيو جي 23 هين ميچ ۾ لاهور ٽاس کٽي ڪراچي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. مقررو 20 اوورز ۾ ڪراچي 5 وڪيٽن تي 187 رنز ٺاهيون. فخرالزمان ۽ ڪپتان سهيل اختر اننگ شروع ڪئي. ڪپتان 2 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هڻي 48 بالن تي 68 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

فخر خلاف محمد عامر جي پهرين اوور جي ٽئين بال تي اپيل ڪئي پر امپائر آئوٽ نه ڏنو، نيٺ عامر کيس پنجين بال تي بولڊ ڪيو. جنهن بعد محمد حفيظ آيو جيڪو به هڪ چوڪو هڻي 24 بالن تي 16 رنز ٺاهي عمر خان جي بال تي ڪيمرون هٿان ڪيچ ٿيو. بين ڊنڪ آيو جنهن عمر خان کي ڇڪو هڻي پريشر رليز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو 12 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هڻي 40 بالن تي 99 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڪيمرون جي بال تي ابتي شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ بال بين ڊنڪ جي بيٽ کي لڳي ڪلهي تي ڪريو ته ڪيپر والٽن بيٽسمين کي ڀاڪر پائي ڪيچ جي اپيل ڪئي ان دوران بال ڪيپر جي هيلمٽ کي لڳي هيٺ ڪريو.

عمر خان کي ٽئين اوور ۾ بين ڊنڪ 3 ڇڪا هڻي 19 رنز ورتيون. ڪپتان عماد جي آخري اوور ۾ بين ڊنڪ 3 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هڻي گيم تبديل ڪري ڇڏي. عماد سندس هٿ ۾ آيل ڪيچ ڊراپ ڪيو. وڪٽ وٺڻ جي چڪر ۾ عمر خان، ڪرس جورڊن ۽ عماد وسيم وائيڊ بال ڪري ڪٽڪو کاڌو. ايئن لڳو ته بين ڊنڪ کٽيل ميچ ڪراچي کان کسي ويو. عامر آخري اوور ۾ 13 رنز ڏنيون. 4 اوورز ۾ 33 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. عامر يامين هڪ اوور ۽ هڪ بال ڪرائي 9 رنز ڏئي زخمي ٿي واپس ويو اوترو هڪ بال عماد گهٽ ڪرايو. 19هين اوور ۾ ڪرس جورڊن جي بال تي ڪيچ وٺڻ بدران افتخار رنز بچائڻ جي چڪر۾ پوئتي بيهي ڪيچ نه ورتو. آخري اوور ۾ 4 رنز گهربل هيون 8 وڪيٽ باقي هيون. آخري اوور ڪيمرون ڪرايو پهرين بال تي بين ڊنڪ ڇڪو هڻي ميچ کٽي ويو. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ شرجيل خان ٻيهر ناڪام رهيو 8 بالن تي 5 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، بابر اعظم محطاط بيٽنگ ڪندي 6 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 38 رنز ٺاهي معاذ خان جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. ون ڊائون ايلڪس هيلز طوفاني اننگ کيڏندي 5 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 48 بالن تي 80 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

هو جڏهن 41 بالن تي 71 رنز تي هو ته کيس شنواري جي بال تي امپائر ايل بي ڊبليو آئوٽ ڏنو، رويو ۾ هو ناٽ آئوٽ رهيو. ڪيمرون ڊيلپورٽ 2 چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 15 رنز ٺاهيون ته معاذ خان پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيس، جنهن بعد چيڊ وڪ والٽن آيو، جنهن عثمان شنواري جي ٽئين اوور ۾ ٻن بالن تي لڳاتار ٻه ڇڪا هنيا ۽ ساڳئي اوور ۾ کيس هڪ ڇڪو ايلڪس هيلز هنيو. ان موقعي تي 18 اوورز ۾ ڪراچي 4 وڪيٽن تي 166 رنز ٺاهيون هيون. آخري اوور ۾ ارشاد جي ابتدائي ٻن بالن تي والٽن ڇڪا هنيس، ايلڪس هن کي ففٽي ڪرائڻ چاهي پر هو ڇڪي جي چڪر ۾ بائونڊري جي ڪناري تي 5 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 45 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو.

ان کان اڳ افتخار احمد ٻن بالن تي هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو هو.معاذ خان 4 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي 2 وڪيٽ ۽ سمت پٽيل 4 اوورز ۾ 24 رنز ڏئي ڪا وڪيٽ نه ورتي. شاهين آفريدي 4 اوورز ۾ 36 رنز ڏئي ڪا وڪٽ نه ورتي، حفيظ 2 اوورز ۾ 11 ۽ ڊيوڊ ويز هڪ اوور ۾ 11 رنز ڏنيون. شنواري 3 اوورز ۾ 44 رنز ڏئي ڪا وڪٽ نه ورتي. سلمان ارشاد ٻن اوورز ۾ 28 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو