لاهور ۾ پي ٽي آءِ جلسو،ڪارڪنن جي آمدجاري،پوليس نفري مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي لاهور جلسي لاءِ ڪارڪنن لٺيون کنيون.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته ڪارڪنن ذاتي تحفظ ۽ رستو صاف ڪرڻ لاءِ لٺيون کنيون.ٻئي طرف صوابي ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي خطاب لاءِ پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 1000 ڪرسيون لڳايون ويون آهن ۽ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. لاهور جي ڪهنا ڍور منڊي ۾ تحريڪ انصاف جي اڄوڪي جلسي جون تياريون جاري آهن، جتي جلسي گاهه ۾ ڪرسيون لڳائڻ جو ڪم جاري آهي.لائٽون، ڊي جي، سائونڊ سسٽم ۽ جنريٽر پڻ پنڊال ۾ پهچايو ويو آهي پر اسٽيج لاءِ آندو ويو ڪنٽينر رنگ روڊ انڊر پاس تان نه گذرڻ سبب اڃا تائين پنڊال ۾ نه پهچي سگهيو آهي. تقريب ۾ کاڌي پيتي جا اسٽال، پارٽي جا جهنڊا ۽ ٽوپيون پڻ لڳايون ويون آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته فيروزپور روڊ تي ڪاهانا ڪيٽل مارڪيٽ ڏانهن ويندڙ سمورا رستا کليل آهن، فيروزپور روڊ کان ڪاهن تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪنٽينر بيٺل آهن، جڏهن ته لاهور قصور روڊ ۽ رنگ روڊ تي ٽريفڪ معمول موجب هلي رهي آهي.جلسي جي موقعي تي عورت ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جن جو چوڻ آهي ته اسٽيج کانسواءِ به ريلي ڪامياب ٿيندي ۽ گرمي باوجود عورتون به ريلي ۾ شرڪت ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو