لبنان ۾ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ذريعي دهشتگردي جي سخت مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان لبنان ۾ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ذريعي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿو.هفتيوار بريفنگ ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيل جون اڳرائي علائقائي امن لاءِ خطرو آهن.عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي تي اسرائيل کان جواب طلب ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.هن چيو ته هو ان سلسلي ۾ لبناني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا ۽ غزه ۾ اسڪول تي اسرائيلي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪن ٿا.ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت گذريل سال آڪٽوبر کان جاري آهي، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي تي اسرائيل جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو