لبنان ۾ ڌماڪو 100 فوت،4 پاڪستانين سميت 4 هزار زخمي

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ سمنڊ ڪناري هٿيارن جي پراڻي گودام ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو تعداد 100 کان مٿي ٿي ويو آهي ۽ 4هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. لبنان ۾ پاڪستاني سفير نجيب دراني موجب هڪ پاڪستاني 14 سالن جو ٻار فوت ٿيو آهي ۽ سندس والد ساجد آءِ سي يو ۾ داخل آهي. جڏهن ته سندس والدهه ۽ ناني زخمي ٿيا آهن. بيروت جي بندرگاهه تي هٿيارن جي گودام ۾ زوردر ڌماڪو اڱاري جي شام جو ٿيو هو. ڌماڪو ايترو سخت هو جو ان جو آواز 240 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع ملڪ قبرص ۾ به ٻڌو ويو جتي ماڻهن سمجهو ته شايد زلزلو آيو آهي.  

Photo Twitter

ڌماڪن سبب ڀرپاسي واريون عمارتون تباهه ٿي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن. خابرو ادارن موجب ڌماڪن جي نتيجي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ان انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ڇو ته امدادي ڪم جاري آهن ۽ ملبي هيٺان لاش ڪڍيا پيا وڃن. ڌماڪي وقت آس پاس جي سڙڪن تي هلندڙ گاڏيون پڻ تباهه ٿي ويون آهن ۽ ڀيانڪ منظر نظر اچي رهيا آهن. زوردار ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. لبنان جي صدر عون مشيل پاران ڌماڪن سبب ملڪ ۾ 3 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن حڪومت تي زور ڀريو آهي ته ٻن هفتن تائين ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي. صدر موجب هڪ گودام ۾ امونيم نائٽريٽ 6 سالن کان غير محفوظ انداز ۾ پيل هئي. لبناني وزيراعظم حسن دياب ٽوئٽر تي چيو آهي ته جيسين حقيقت جو علم نه ٿيندو ۽ ذميوارن جو تعين ڪري انهن کي سزا نه ملندي تيسي هو چين سان نه ويهندو. امدادي ڪارواين لاءِ ساڍا 6 ڪروڙ ڊالر جي برابر يعني 100 ارب لبناني ليرا جاري ڪيا آهن.لبناني ريد ڪراس جي سربراهه جارج قيطاني چيو آهي ته تمام وڏي تباهي آهي هر طرف لاش ۽ زخمي پيا آهن.

Photo Twitter

ياد رهي ته 2013 ۾ لبنان ۾ هڪ سامونڊي جهاز مان امونيم نائٽريٽ هٿ ڪري هڪ گودام ۾ رکي وئي هئي. هي ڪيميڪل اڪثر ڪري زرعي ڀاڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي پر باهه ۾ به استعمال ٿيندو آهي. امونيم نائٽريٽ کي باهه لڳڻ بعد ان مان زهريليون گيسيون ايمونيا ۽ نائٽروجن آڪسائيڊ پيدا ٿينديون آهن. ستر واري ڏهاڪي تائين بيروت عرب دنيا جو لنڊن هو پر 1975 کان 1990 تائين جي گهرو جنگ سبب تباهي آئي. هن وقت به ملڪ ۾ هڪ پاسي ڪورونا وائرس جي وبا آهي ته ٻئي پاسي سياسي ڇڪتاڻ آهي ۽ حڪومت خلاف مظاهرا جاري هئا. لبنان ۾ بدترين معاشي بحران به آهي. جنهن جاءِ تي هي ڌماڪو ٿيو آهي، ان جاءِ تي 2005 ۾ لبناني وزيراعظم رفيق حريري 23 ساٿين سميت ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو هو. حريري سني مسلڪ جو هو پر هتي شام جي فوج به موجود آهي جنهن کي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ جو هن فيصلو  ڪيو هو.

Photo Twitter

ملڪ ۾ شيعه مسلڪ جي حزبالله نالي مليشيا به سرگرم آهي جنهن جو ن اسرائيل خلاف پرتشدد ڪاروائيون جاري آهن. بعد ۾ شامي فوج ته واپس وئي پر اقوام متحده جي ٽريبونل حريري قتل ڪيس ۾ حزب الله جي 4 شدت پسندن تي فرد جرم لاڳو ڪئي هئي. بعد ۾ رفيق حريري جو پٽ سعد حريري وزيراعظم چونڊيو جنهن حالتن کان تنگ ٿي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ 4 مارڇ 2017 تي مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪندي ايران تي لبنان ۾ مداخلت جا سنگين الزام هنيا هئا. لبنان ۾ گهرو جنگ به ايران ۽ سعودي نواز لابين جي جهيڙن جو نتيجو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو